پائلو بياجي جي تصوير

پائلو بياجي جي تصوير

پائلو بياجي

پائـلـو بياجـي (Paolo Biagi ): آرڪيـالاجيءَ جو مـاهر پائلو بياجي، جنوري 1948ع تي اٽليءَ جي شهر بريشيا ۾ ڄائو. 1972ع ۾ ملان يونيورسٽيءَ مان آرٽس ۽ ڪلاسيڪي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1981ع ۾ يونيورسٽي آف لنڊن مان ‘Prehistoric Archaeology’ جي عنوان سان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1988ع کان 2002ع تائين ايسوسيئيٽ پروفيسر طور يونيورسٽي آف وينس ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. هاڻي به ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر طور (2002ع کان) پڙهائي رهيو آهي. ڊاڪٽر پائلو بياگي سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي سان گڏجي روهڙي هلز پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جتي هن پٿر جي دؤر جا 200 کان مٿي ماڳ ڳوليا آهن ۽ جن تي کوٽائي به ڪئي آهي. پروفيسر پائلو سنڌ جي پٿر واري دؤر تي وڏي دسترس رکي ٿو. هن جا ڪيترائي مضمون شاهه لطيف يونيورسٽي جي انگريزي رسالي “Ancient Sindh” ۾ ڇپيل آهن. شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سان به معاون طور سلهاڙيل آهي. هن نه صرف روهڙي هلز پراجيڪٽ تي، پر ڏکڻ سنڌ جي ماڳن تي به ڪم ڪيو آهي. هن لس ٻيلي ۽ گڏاڻيءَ واري علائقي جي ميزوليٿڪ دور بابت لکيو آهي ته اهي ماڳ 7 هزار سال پراڻا آهن. سندس چوڻ آهي ته مهرڳڙهه کان ڪوسٽل ايريا (سامونڊي ڪناري واري علائقي) تائين اهڙي قسم جا ٻيا ماڳ به ملي سگهن ٿا، جي کوجنا ڪبي ته ڏکڻ سنڌ ۾ تاريخ کان اڳ واري دؤر جا اڄ به ڪيترائي ماڳ مڪان موجود آهن پر انهن تي ڪم ۽ تحقيق جي ضرورت آهي.


لفظ پائلو بياجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو